زرد بخار

زرد بخار (Yellow Fever): انفيڪشن ذريعي پکڙجندڙ هڪ بيماري جيڪا R.N.A نالي هڪ وائرس جي ڪري ٿئي ٿي. زرد بخار جي شدت تيز بخار ۽ يرقان جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي. پهريان هي مرض صرف انسانن ۾ اثر انداز ٿيندڙ سمجهيو ويندو هو پر تحقيق مان ظاهر ٿيو آهي ته ڀولڙا ۽ ٻيا مماليه جانور به هن مرض جو شڪار ٿين ٿا. تحقيق مطابق آفريڪا ۽ آمريڪا جا ڀولڙا انهيءَ انفيڪشن جي ڦهلاءَ جو بنيادي سبب آهن، جيڪڏهن اهي انفڪيشن زده جانور ڪنهن آباد علائقي ۾ ويندا آهن ته اڪثر مڇر انهن کي چڪ هڻن ٿا ۽ اهو وائرس پوءِ انهن ۾ منتقل ٿئي ٿو، جڏهن اهي مڇر وري انسانن کي چڪ هڻن ٿا ته اهي جراثيم انسان ڏانهن منتقل ڪري ٿا ڇڏين. ائين ئي اها بيماري پکڙجي ٿي. هي مرض خاص طور زمبيا، صوماليا، ڪيوبا ۽ ايشيا جي ڪجهه ملڪن ۾ پڻ ٿئي ٿو. صحت جي عالمي اداري جي اندازي مطابق هر سال هن بخار جا 2 لک ڪيس ظاهر ٿين ٿا ۽ انهيءَ بخار جي ڪري لڳ ڀڳ ٽيهه هزار ماڻهو موت جو شڪار ٿين ٿا.


لفظ زرد بخارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو